شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاءَ هڪ ارب روپيا مختص

لاڙڪاڻو   (رپورٽ عبدالوحيد  ابڙو)هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو لاءِ هڪ ارب 82 ڪروڙ رپين جي ماليت جي منطور ڪيل منصوبي تي وفاقي حڪومت طرفان شروعاتي طور سال  2021-22 لاءَ هڪ ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان وفاقي حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته  هائير ايجوڪيشن ۽ وفاقي حڪومت يونورسٽيءَ جي ضرورتن کي سمجهندي جيڪو منصوبو منظور ڪيو آهي انجا مستقبل ۾ ڏور رس نتيجا نڪرندا ، هن وڌيڪ چيو ته ان سان تحقيق کي هٿي ملندي ۽ طبي سائنس جا جديد لاڙا متعارف ٿيندا. ابتدائي طور منصوبي جي پلاننگ ڪميشن اسلام آباد مان منظوري ملڻ کان پوءِ ۽ پي سي ون تي  هائير ايجوڪيشن ڪميشن منطوري ڏني. جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت شروعاتي طور سال 22 ۽ 2021 لاءَ هڪ ارب مختص ڪيا   ، هن منصوبي جا چار مک حصا آهن ، پهريون سينٽرآف ايڊوانس ماليڪيولر جينٽڪس ، ٻيو پيٿالاجيڪل ريسرچ سينٽر ، ٽيون سينٽر ڊيجيلٽل لائبرري ، چوٿون جامع مسجد جو قيام ، هي منصوبا ٻن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيا ويندا جنهن ۾ شروعاتي طور مالي سال 22 ۽ 2021 لاءَ هڪ ارب مختص ڪيو ويو آهي ، هنن منصوبن سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي لاڙڪاڻو جو شمار عالمي سطح جي يونيورسٽين ۾ ٿيڻ لڳندو . هن وڌيڪ ٻڌايو ته هنن منصوبن جي شروع ٿيڻ سان تحقيق ۾ مدد ملندي ۽ هنن شعبن ۾ تحقيق جي خواهشمند ماهرن کي وڏي سهولت ميسر ٿيندي ، اندازي مطابق جديد پيٿالاجي ليبارٽين جي شروع ٿيڻ سان 400 کان مٿي پوسٽ گريجوئيٽ ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي خواهشمند شاگردن کي سهولتون ميسر ٿينديون ، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان تمام ميڊيڪل ليگل ، ڊي اين اي ، پيٿالوجي ٽيسٽن سميت ، اڪثر بيمارين جون ٽيسٽيون ممڪن ٿي سگهنديون ،60500 چورس فٽن جي جديد ڊجيٽل لائبرري جي قيام سان پڻ شاگردن ۽ تحقيقدانن کي مدد ملندي ، ياد رهي ته هيءَ لائبرري جديد ۽ مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ هوندي جنهن ۾ سٺي ماحول هيٺ 700 شاگردن کي ويهارڻ جي گنجائش هوندي ، ان کانسواءِ جامع مسجد جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويندو جنهن جي خاص ڳالهه اها هوندي ته هن ۾ عورت استادن ۽ شاگردياڻن لاءِ هڪ گيلري ٺاهي ويندي جنهن ۾ تقريبن 150 عورتون هڪ ئي وقت نماز ادا ڪري سگهنديون ،ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان پنهنجي پيشيوراڻه ٽيم جي محنتن کي ساراهيو ۽ چيو ته هي منصوبو تحقيق جي ميدان ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو