شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ 3 ڏينهن وارو اسپورٽس فيسٽول جاري

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ٽن ڏينهن وارو اسپورٽس فيسٽيول جاري، سالياني اسپورٽس فيسٽيول جي رنگارنگي تقريب جي ٻئي ڏينهن تي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جا مقابلا ڪرايا ويا جن ۾ رسو ڇڪڻ، لوهي پليٽ اڇلائڻ، نيزو ڦٽي ڪرڻ، 100 ميٽرن جي ريس ۽ ڪرڪيٽ جا مقابلا ڪرايا ويا. ڪرڪيٽ جي فائنل ميچ ۾ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ٽيم، بزنس ڊپارٽمينٽ جي ٽيم کي6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايندڙ سال تائين چيمپيئن ٿي وئي. انهي طرح سان 100 ميٽر جي ريس ۾ جينيٽڪس ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻي رمشا پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته نيزو ڦٽي ڪرڻ ۾ ايجوڪيشن دپارٽمينٽ جي ثمينه رند پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. اهڙي طريقي سان لوهي پليٽ ڦٽو ڪرڻ وارن مقابلن ۾ پڻ ثمينه رند پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. رسو ڇڪڻ واران مقابلن ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي سانگهڙ ڪيمپس جي شاگردياڻين ميل ماري ڇڏيو.  ان موقعي تقريب ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طيبه ظريف، هيڊآف دي ڊپارٽمينٽس، آفيسرن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو