ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا آئي بي اي پاس 10 اسسٽنٽ ليگل ۽ 4 جونيئر ڪلرڪن کي آفر ليٽر جاري ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو ته کاتي ۾ اسٽاف جي سخت کوٽ جو منهن ڏسڻو پوي پيو ۽ اسان کاتي جي بهتري ۽ ڪم کي وڌي تيزي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪافي عرصي کان اسٽاف جي مقرري جو مطالبو ڪري رهيا هئاسين. هن چيو ته اسان کي عورتن جي بابت عدالتي ڪيسن لاءِ وڪيلن جي ٽيم جي ضرورت پڻ هئي تنهن هوندي اڄ اسان 10 وڪيلن کي مختلف ضلعن لاءِ آفر ليٽر جاري ڇڏيا آهن، جنهن بعد اسان کي اميد آهي ته هو کاتي جي بهتري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. ان دوران مختلف ضلعن مان 15 ڄڻن کي نائب قاصد جا آفر ليٽر پڻ ڏنا ويا. ياد رهي ته مٿين وڪيلن ۽ جونيئر ڪلرڪن 2021ع ۾ آءِ بي اي جو امتحان پاس ڪيو هو ۽ گذريل ٻن سالن کان سندن آفر ليٽر جو انتظار ڪري رهيا هئا.
