شهر جو امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو مارچ

شڪارپور (ن س) شڪارپور ۾ محرم الحرام جي آمد کان اڳ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ جي طرفان جاري ڪيل حڪم تي پوليس ۽ رينجرز پاران گڏيل فليگ مارچ ڪيو ويو، فليگ مارچ ASP سٽي/ خانپور سيد فاضل شاه بخاري جي اڳواڻي ۾ DSR رينجرز اعظم خان, DIB انچارج شاه جهان شاه ۽ پوليس آفيسرن سميت جوانن پڻ شرڪت ڪئي. فليگ مارچ جي شروعات ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ کان ٿيندي جيڪو شهر جي مختلف علائقن ۾ سٽي، سلطان ڪوٽ، خانپور، لکي غلام شاه سميت حساس امام بارگاهن جي ارد گرد وارن علائقن جو به فليگ مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي ASP سٽي/ خانپور سيد فاضل شاه بخاري چيو ته ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ جي اهم هدايتن تي عمل ڪندي فليگ مارچ ڪيو ويو آھي جنھن جو مقصد محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي کي فل پروف بڻائڻ، امن امان کي برقرار رکڻ ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکڻ سان گڏوگڏ امن امان قائم رکڻ شڪارپور پوليس جي اولين ترجيح آهي ۽ هر قسم جي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت به رکي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو