شهري کان رشوت وٺڻ تي 3 پوليس اهلڪار معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪارن گاڏي ۾ سوار شهري کان رشوت وٺڻ جو واقعو پيش آيو آهي، رشوت وٺڻ جي وڊيو سامهون اچڻ بعد ڊي آءِ جي آپريشنز 3 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.شهري دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪٽر G-11 ناڪي ۾ اهلڪارن گاڏي جا دستاويز نه هجڻ سبب 20 هزار رپيا رشوت گهري، نه ڏيڻ جي صورت ۾ گاڏي کي ٿاڻي ۾ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.شهري جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن 20 هزار رپيا رشوت گهري، 10 هزار رپيا رشوت وٺڻ بعد گاڏي کي وڃڻ ڏنو ويو. رشوت وٺڻ جي وڊيو منظر عام تي اچڻ بعد ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد معاملي جو نوٽيس وٺندي 3 پوليس اهلڪارن رياض جلال، محمد نواز ۽ ظهير احمد کي معطل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو