شهرين پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

ٺل(ن سنڌيار)ٺل ڀرسان ڳوٺ ٻچڙو جي رهواسين پاران پوليس جي زيادتين جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،مظاهرين پاران اي سيڪشن پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن ڊاڪٽر زاهد حسين کوسو،علي گل خان،افضل خان،مير مولا بخش،غلام اڪبر،صدام حسين،محمد ابراهيم کوسو،حاجي ڪوڙو خان،برڪت علي گولو،ماجد علي گولو،سليمان وڄلو،عبدالغفار رند،سيد صبغت الله شاهه،غلام علي ڪنراڻي،عبدالحليم ڀنڊ ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ سان گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي ظلم ٿي رهيو آهي،اسان وٽ ڪي ڀتا خور،ڌاڙيل توڙي جو اسان جا مٽ مائٽ اچي تنگ ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ پوليس انهن جي وانڱار وهي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ 18 اپريل تي تنگواڻي جو رهواسي محمود کوسو جي نياڻي منهنجي پٽ حماد الله کوسو جي وني آهي،ان کان وٺڻ لاءِ آيو،منهنجي ننهن پنهنجي پيءُ سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو،شايد هن کي خبر هئي ته هن جي پيءُ جا ارادا صحي نه آهن جنهن ڪري هن وڃڻ تي اعتراض ورايو جنهن بعد هن زبردستي پنهنجي نياڻي کي گهلي گاڏي ۾ وجهي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ان جي رستا روڪ ڪئي،جيڪو نج اسان جو گهريلو مامرو هو،جنهن بعد ٺل جي اي سيڪشن پوليس جو ايس ايڇ او بشير احمد مڱسي ۽ رضا محمد کوسو وانڱارو جو ڪردار ادا ڪندي پهچي اسان جي ماڻهن مٿان لٺيون وسائڻ شروع ڪيون جنهن دوران پوليس جي لٺبازي سبب اسان جا ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا،هنن چيو ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او بشير احمد مڱسي اسان جي خلاف ٻه ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ڏنگڙي پل وٽ ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي،ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي بيهاري ڳوٺ ٻچڙو جي ائڊريس پڇڻ تي انهن کي گاڏي ۾ ويهاري لاڪپ ڪري ڇڏي ٿو،جنهن بعد هنن کان 5 کان 10 هزار وٺي بعد ۾ کين آزاد ڪيو وڃي ٿو،ايس ايڇ او پاران بلاجواز اسان جي ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي،جيئن اسان ڳوٺ ڇڏي وڃون پر اسان انهن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون اسان حق ۽ سچ تي قائم آهيون،پوليس بااثرن جي وانڱار وهندي اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي،هنن چيو ته ان کڻي ٺل شهر وڪڻڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا آهيون ته رستي ۾ پوليس ان ڦري وٺي ٿي،اسان جي جماندار کي لاڪپ ڪيو ويو آهي جنهن جو رمانڊ مٿان رمانڊ ورتو پيو وڃي جيڪو هيپاٽائيٽس جو مريض آهي،پوليس جون زيادتيون وڌي ويون آهن،هنن چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد کي پڻ غلط ٻڌايو ويو آهي،ايس ايڇ او بشير مڱسي کي هٽائي مامري جي جاچ ڪرائي وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو