شهرين جي تفريح لاءِ جوڙايل پارڪ سنڀال نه ٿيڻ ڪري تباهه

پيرجوڳوٺ (صفي اللہ منڱڻيجو) تعلقي ڪنگري جي هيڊڪوارٽر پيرجوڳوٺ شهر ۾ ٻن ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي تعمير ڪرايل پبلڪ پارڪ عوام کي سير و تفريح جي ڪابه سهولت نه ڏئي سگهيو آهي. شهرين جي واڪ لاءِ ٺهرايل فٽ پاٿ به اُجڙي ويا آهن مالڪي نه ٿيڻ ڪري پارڪ ۾ ڊرڀ ڄمي ويا آھن ۽ وڻ به  وڍجڻ  لڳا آهن جڏهن ته ڇٻر (گراس) جي سار سنڀال نه ٿيڻ سبب اُها به تباهه ٿي وئي آهي جنهن ڪري شهري هن پارڪ ڏانھن اچن ئي ڪونه پيا.

ان ڏس ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته  پيرجوڳوٺ ميونسپل ڪميٽي جي ھٿ تي هلندڙ پبلڪ پارڪ انتظامي بي ڌياني سبب زبون حال ٿي رھيو آهي ۽ غير قانوني بغير ڪنهن ٽينڊر جي هوٽل جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جنهن کان  ماهوار اوڳاڙي ڪئي ويندي آ. ٻڌايو پيو وڃي ته هن پبلڪ پارڪ ۾ 20 مالهي، 2 چوڪيدار ۽ هڪ پٽيوالو پڻ برٿي ڪيل آهن اهي سڀئي ملازم  گهر ويٺي پگهارون کائي موجون ماڻڻ ۾ پورا آهن جن ڪڏهن به ھن پارڪ جي باغباني يا حفاظت ناهي ڪئي. شهرين محمد حسن، عبد الصمند، غلام اصغر، الطاف. ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته  بي لاڀ بڻيل پيرڳوٺ پبلڪ پارڪ جو ڪم ڪرائي شهرين کي سير تفريح مهيا ڪري ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو