سليڪٽد ڊنل آهي،شهباز کي روڪڻ عدالتي توهين آهي،مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي  نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف کي ايئرپورٽ تي روڪڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته ان  مان سليڪٽڊ ڪيترو ڊنل آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي ته سليڪٽڊ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ شهباز شريف کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. مريم نواز چيو ته عدالتي فيصلي جي  ڀڃڪڙي ڪندي شهباز شريف کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو.ان عمل سان ظاهر ٿي ويو سليڪٽڊ ڪيترو ڊنل آهي. واضح رهي ته شهباز شريف کي اڄ صبح 4  لڳي 50 منٽن تي پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام ڪيو آر 621 جي ذريعي لاهور مان دوحه روانو ٿيڻو هو. پر کيس لاهور مان دوحه وڃڻ کان اڳ ايئرپورٽ تي موجود ايف آءِ اي ۽ اميگريشن اهلڪارن روڪي دوحه ويندڙ اڏام کان  آف لوڊ ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي  ۽ اميگريشن اختيارين موجب  گهرو وزارت طرفان شهباز شريف جو نالو اڃان تائين بليڪ لسٽ مان ناهي ڪڍيو ويو. سسٽم ۾ ڪليئرنس جاري ناهي ٿيو. اميگريشن سسٽم ۾ اپ ڊيٽ نه ٿيڻ سبب کيس آف لوڊ ڪيو ويو. ان ڪري نالو ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ ئي کيس جهاز ۾ سوار ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو