شهباز، پاڪستان لاءِ خوشخبري، خدمت جو دور ٻيهر شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف جو وزيراعظم ٿيڻ پاڪستان لاءِ خوشخبري آهي.پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ترقي جو سفر جيڪو 2018ع ۾ روڪيو ويو هو ٻيهر شروع ٿيندو، شهباز شريف پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، هاڻي هو معيشت کي مستحڪم ڪندا.مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جي اچڻ سان نوجوانن جي روزگار، ڪاروبار ۽ ترقي جو دور شروع ٿيندو، پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو ۽ عوام جون ڏکيايون بهتر ٿينديون. هن چيو ته تعليم، صحت، آءِ ٽي، زراعت، صنعت ۽ نوجوانن جي ترقي جو سفر ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي، 4 سالن کان ملڪ جا سمورا شعبا بي رحميءَ سان تباهه ٿيا، هاڻي انهن جي بحالي ۽ تعمير شروع ٿيندي، شفافيت ۽ ترقي جو دور آهي. عوامي خدمت ٻيهر شروع ٿيندي. مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري اطلاعات وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي ليپ ٽاپ ۽ آئي ٽي ۾ ترقي جا موقعا ڏيڻ جو دور ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي، نوجوانن کي روزگار ۽ راندين جا موقعا ڏيڻ جو دور ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اعتماد جو هڪ نئون دور به شروع ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو