شهباز شريف کي ضمانت تي آزادي ملي وئي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبازشريف کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ پاران شهبازشريف جي ضمانت ٿيڻ بعد سندس وڪيل اعظم نذير تارڙ ضمانتي مچلڪا احتساب عدالت نمبر 2 ۾ جمع ڪرايا، ملڪ سيف کوکر ۽ چوڌري محمد نواز شهبازشريف جا ضمانتي آهن.ياد رهي ته نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهبازشريف کي گذريل سال سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪيو هو، گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ شهبازشريف جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50،50 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو