شهبازجي پرڏيهه وڃڻ وارو عدالتي فيصلو چيلنج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته اسان شهباز شريف جي حوالي سان عدالتي فيصلو چيلنج ڪنداسين.سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته اسان شهباز شريف جي حوالي سان عدالتي فيصلو چيلنج ڪنداسين. اسان سمجهون ٿا ته عدالت کي صحيح طريقي سان ناهي ٻڌايو ويو. ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان اهو ضروري آهي ته عدالت کي صحيح حقيقتون ٻڌايون وڃن. اسان سموريون حقيقتون عدالت جي سامهون رکنداسين.شهزاد اڪبر چيو ته مسلم ليگ(ن) جا ڪجهه ماڻهو حقيقتن کي خراب ۽ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته حڪومت عدالتي حڪم نه پئي مڃي. اها ڳالهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جنهن جا پنهنجا اڳواڻ مفرور آهن. مان اوهان جي سامهون 55 واليومز کڻي آيو آهيان. هي اهي ذريعا ۽ اوهان جي خلاف ثبوت آهن جنهن کي اوهان ختم نٿا ڪري سگهون. شهباز شريف جي ٻاهر وڃڻ جو معاملو آيو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ فيصلو اچي ويو هي ذاتي ملازم کي وڪيل جي طور تي بيهاري  ڇڏيندا آهن پي اين آءِ ايل لسٽ جي باقاعده ايس او پيز آهي. نئين لسٽ ٺهي رهي آهي. نئون ورڪنگ ڊي آيو ته عدالتي آپشن تي ڪم ڪنداسين عدالتي حڪم بليڪ لسٽ جو آهي. عدالتي معاملا عدالت ۾ طئي طئي  ٿيندا.. حڪومت هن عدالتي حڪم جي خلاف اپيل ڪندي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اسان جو شريف فيملي سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي.پاڪستان ۾ ٻن دورن دوران منظم طريقي سان ڪرپشن ڪئي وئي. 1988ع کان 1997ع تائين ۽ 2008 کان 2018 تائين ڪرپشن ڪئي وئي. هن ڪرپشن جو وڌيڪ فائدو نوازشريف ۽(ن) ليگ کنيو. مريم نواز چيو ته منهنجي پرڏيهه ۾ ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت نه آهي. نوازشريف جي لنڊن ۾ چئن اپارٽمنٽس جي قيمت 1 ارب پائونڊ آهي. ڇا نوازشريف ۽ شهباز شريف ڊاڪٽر ياسمين راشد کان وڌيڪ بيمار آهن.فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خلاف بيانيو ٻڌايو. جمهوري نظام ۾ اسان جا اختيار لامحدود نه آهن. ماڻهو سمجهن ٿا ته نظام تبديل نه ٿيو آهي. اها حقيقت آهي اسان حڪومت حاصل ڪري ورتي پر نظام جي خلاف جنگ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو