شرعي عدالت جو ٽرانسجينڊرن خلاف فيصلو سپريم ڪوٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي شرعي عدالت پاران کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ لاءِ بڻايل ٽرانس جينڊر ايڪٽ ڪالعدم قرارڏيڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾چئلينج ڪيو ويو کدڙن فقيرن جي حقن بابت وفاقي شرعي عدالت جو فيصلو ٽرانس جيندر ڪميونٽي ۽ سول سوسائٽي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو عدالت کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ لاءِ بڻايل ٽرانس جينڊر ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو عدالت ايڪٽ جي ڪجهه قلمن کي شريت جي خلاف قرار ڏنو هو ٽرانس جينڊر رائٽس جي ڊائريڪٽر نايا علي ۽ صارم عمران ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته وفاقي شرعي عدالت هڪ پوري ڪميونٽي جي سڃاڻپ جي حقن کان انڪار ڪيو سپريم ڪورٽ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏي درخواست گذار ٻڌايو ته قانون سازي ڪميونٽِي جي اتفاق راءِ سان نمائندگي ڪري ٿي قانون منتخب نمائندن جي ذريعي لاڳو ڪيو ويو هو وفاقي شرعي عدالت پنهنجو اختيار اورانگهيو عدالت صنفي سڃاڻپ ۽ وراثت جي حق بابت قلمن کي شرعي قانون سان ٽڪراءُقرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو