شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ وڌيڪ بسون هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عيد کانپوءِ ڪراچي ۾ وڌيڪ روٽس تي بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڪراچي ۾ گلابي بسن جو تعداد به وڌايو ويندو.گرين بسون هلڻ شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته ڪجهه نيون بسون اچي چڪيون آهن ۽ جلد روڊن تي اينديون، اليڪٽرڪ بسن جا ٻه نوان روٽ به عيد کانپوءِ شروع ٿيندا.ٽرانسپورٽ واري وزير عيد کانپوءِ ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ ۽ 18 اپريل کان ڪراچي جي 2 روٽس تي ڪارڊ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو.ريڊ لائين منصوبي بابت ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مهانگائي ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب ريڊ لائين بي آر ٽي جو ڪم متاثر ٿيو جڏهن ته نگران حڪومت ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڌيان نه ڏنو.ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي ۽ 500 نيون بسون خريد ڪيون وينديون. عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، عوام کي ڏنل سمورين خوشخبري تي عمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو