“شاگرد يونين بحال ڪريو، سيڪورٽي فورسز کي ڪيمپس مان هٽايو”

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ جي 50 کان وڌيڪ ننڍن وڏن شهرن ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ ۽ ڪيمپسز مان سيڪورٽي فورسز کي هٽائڻ خلاف “شاگرد يڪجهتي مارچ” ڪري احتجاج ڪيو ويو. اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جي گڏيل سڏ تي ڪيل احتجاج جو مقصد  تعليمي ادارن جي نجڪاري بند ڪرڻ، شاگردن جي حراسمينٽ ختم ڪرڻ، هائر ايجوڪيشن جي بجٽ ۾ ڪٽوتي واپس ڪرڻ ۽ فنڊ بحال ڪرن ٻڌايو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شاگرد يڪجهتي مارچ جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪيو ۽ چيو ته هو نوجوانن کان بي حد متاثر آهي ۽ معاشري کي غير سياسي بنائڻ لاءِ شاگرد يونين تي بندش وڌي وئي آهي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولاڪوٽ، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ شاگردن، سندن والدين، وڪيلن، سول سوسائٽي جي مختلف تنظيمن جي نمائندن به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ جبران ناصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شاگرد يونينز جي بحالي چاهي ٿو  ۽ ان مان ئي ملڪي سياسي قيادت پيدا ٿين گهرجي نه ڪي آبپاره جي تيار ڪيل سياسي قيادت ملڪ تي مڙهي وڃي. هن چيو ته هٿ وٺي ساذش هيٺ ملڪ ۾ شاگرد يونينز تي بندش وئي آهي جيڪا ختم ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ حيدر ڪليم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاگرد يونينز تي اهو چئي پابندي مڙهي وئي هئي ته ان سان تعليم متاثر ٿئي ٿي پر اوهان رڪارڊ کڻي ڏسو ته جڏهن شاگرد يونينز موجود هيون ان وقت تعليم جو معيار ڇا هو ۽ هينئر تعليمي معيار ڇا بچو آهي. هن وقت پاڪستان جو هڪ به تعليمي ادارو دنيا جي 100 بهترين تعليمي ادارن ۾ شامل ناهي. هن چيو ته يونيورسٽيز ڪيمپسز مان سيڪورٽي فورسز کي هٽايو وڃي. عمر ڪوٽ، مورو، حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو