شاگرد سان زيادتي،مفتي پاران ڏوهه جو اعتراف

لاهور(ويب ڊيسڪ)مدرسي جي کٿابي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار عزيز الرحمان ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، پوليس موجب عزيز الرحمان جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪندي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار بيان ۾ چيو آهي ته هي وڊيو منهنجي ئي آهي، صابر شاهه لڪي ڪري ٺاهي، کٿابي صابر کي پاس ڪرڻ جو ڏٽو ڏئي هوس جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو وائر ٿيڻ بعد خوف ۽ پريشاني جو شڪار ٿي ويس، جوابدار اعترافي بيان ۾ چيو ته پٽن صابر شاهه کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ هن کي ڪنهن سان به ڳالهه ڪرڻ کان روڪيو، صابر شآهه منع ڪرڻ باوجود وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، مان مدرسو ڇڏڻ نٿو پيو چاهيان، ان ڪري وڊيو بيان جاري ڪيو، جڏهن ته مدرسي جي منتظمين ۽ مهتمم وڊيو بعد مدرسو ڇڏڻ جو چئي چڪا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو