شاگرد سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن؛ مظاهرين

چيلهار(ساجد نهڙيو) 2 ڏينهن اڳ تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪاڳيا سان تعلق رکندڙ 11هين ڪلاس جي شاگرد راجو مينگهواڙ سان عمرڪوٽ ۾ بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف چيلهار ۾ شاعر الماس نهڙيو، سماجي اڳواڻ ڀيرولعل سوٽهڙ، گووند منٺاراڻي، لجپت پرمار، رستم راٺوڙ، رميش ڪمار، پرڪاش مالهي، قيمت راٺوڙ ۽ ٻين احتحاجي مظاهرو ڪيو. احتحاج کي سنڌ ڌرتي جي خوبصورت شاعر الماس نهڙيو خطاب ڪندي چيو سنڌ ۾ اهڙا وحشت ۽ دهشت جا روز جو نوان واقعا پيش اچن ٿا ڪڏهن دعا منگي کي کنڀيو وڃي ٿو ته ڪڏهن نمرتا جو قتل ڪيو وڃي ٿو پر افسوس اسان جي انتظاميه سدائين خاموش تماشابين نظر اچي ٿي. ٿر جا ڪيترائي اهڙا غريب پورهيت خاندان آهن جيڪي قرض کڻي پنهنجي ٻچن کي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائين ٿا پر اتي ويٺل وحشي صفت انسان انهن جي ارمانن کي لوڙهي ڇڏن ٿا راجو مينگهواڙ سان پيش آيل واقعي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ سان گڏ اسان اعليٰ انتظاميه کان اهو مطالبو ٿا ڪيون ته اڄ انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو آهي پر انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ڪٿي گم آهن جيڪي دعوائون ته ڪن ٿيون پر راجو مينگهواڙ سان پيش آيل واقعي خلاف چپ ڇو آهن ۽ عمرڪوٽ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڇو نه ٿي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو