شاگردياڻي گم، اغوا جو شڪ، ڪيس داخل پر پتو نه پيو

نئون ديرو(نعمت سومرو) ڳوٺ الهورايو سولنگيءَ مان اٺين درجي جي شاگردياڻي 14 ورهين جي سسئي ڌيءَ وزير علي کوکر گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي. سسئي کوکر جي پيءُ پاران شهر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مٽن مائٽن وٽان ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به سندس ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. وزير علي کوکر صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي گذريل ڏينهن شام جو ڀيڻ جي گهر وڃڻ لاءِ چئي گهران نڪري وئي ته واپس گهر نه پهتي آهي، ڳولا دوران پتو پيو ته هوءَ ڀيڻ جي گهر به ناهي پهتي جنهن جي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. اسان کي شڪ آهي ته کيس ڪنهن اغوا ڪيو آهي. هوڏانهن سسئي جي گم ٿيڻ جو اطلاع نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو آهي. نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جو چوڻ هو ته اسان سسئي کوکر جي ڳولا ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين پتو ناهي پئجي سگهيو ڇوڪري اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي سندس عمر 14 کان 15 سال آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو