شاگردياڻي فرزانه جمالي جو چاچو هٿياربندن هٿان زخمي

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) هڪ سال اڳ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ جو شڪار ٿيل شاگردياڻي فرزانه جمالي جي ڪيس جي پوئيواري ڪندڙ سندس چاچي اقبال جمالي کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس ڊاڪٽر حياتي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته زخمي ٿيل اقبال جمالي گذريل هڪ مهيني کان وٺي پنهنجي ئي ڳوٺ جي ڪجھ ماڻهن پاران کيس ۽ سندس خاندان کي مسلسل قتل ڪرڻ جون ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون ۽ اقبال جمالي جوابدارن جي خلاف کڏهر ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو پر کڏهر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انهن جي پٺڀرائي ڪندي رهي جنهن بعد ٻڌايو پيو وڃي ته اڄ کيس ڳوٺ کان نوابشاهه ڊيوٽي تي اچي رهيو هو ته پنج ھٿياربندن گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو