شاگردن اسڪول جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي

لاهور (ڊيسڪ نيوز) لاهور جي هڪ نجي اسڪول ۾ استاد جي تشدد سان فوت ٿيندڙ شاگرد حافظ حنين بلال جي دوستن اسڪول جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي. اڄ اسڪول جي شاگردن سان گڏ ڪجهه ماڻهن پئٽرول جون بوتلون کڻي اسڪول پهتا ۽ اسڪول اندر پئٽرول هاري باهه ڏني. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي واري هنڌ  پهتي ۽ باهه وسائڻ لاءِ فائربرگيڊ عملو طلب ڪيو ويو. اقبال ٽائون ٿاڻي جي سپرنٽينڊنٽ محمد اجمل مطابق پوليس صورتحال تي ڪنٽرول ڪندي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار به ڪري  ورتو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جن ماڻهن اسڪول جي عمارت کي باهه ڏني آهي ان ۾ وڌيڪ اسڪول جا شاگرد ۽ استاد جي تشدد سان فوت ٿيندڙ حافظ حنين بلال جا دوست آهن. هن ٻڌايو ته پوري عمارت کي باهه لڳڻ کان اڳ ئي فائربرگيڊ عملو پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪيو ۽ وڌيڪ ڪلاس رومن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو