شاپنگ سينٽر بند ڪرڻ خلاف دڪاندارن جو ٿاڻي اڳيان احتجاج

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) پوليس شاپنگ سينٽر گهوٽڪي زبردستي بند ڪرائي ڇڏيو، دڪاندار سخت پريشان، ٿاڻي اڳيان روڊ بند ڪري دڪاندارن جو احتجاج. گهوٽڪي پوليس شاپنگ سينٽر ڊي ايس پي آفيس کا ويندي پيپلز چوڪ تائين 40 کان وڌيڪ دڪانن کي رات جي وقت تالا هڻي بند ڪيو ويو جنهن سبب دڪاندارن کي ڪاروبار کولي هلائڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ يار سان ڳالهائيندي، ظهير چاچڙ، انيش ڪمار، حيدر، حاڪم ڀارو، فتاح عباسي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته بنا سبب جي اسان جا دڪان بند ڪري اسان کي بيروزگار بڻايو ويو آهي جيڪا سراسر نا انصافي آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي رڳو هڪ ٻه ڏهاڙا پهرين نوٽيس ڏئي دڪان خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي جيتوڻيڪ اسان وٽ ليز جا ڪاغذات به موجود آهن. هنن وس وارن کان تدارڪ جي اپيل ڪندي دڪان کولرائڻ جي گهر ڪئي آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس پي گهوٽڪي جي ترجمان افتخار احمد جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سرڪاري جڳهن تي تعمير ٿيل دڪانون ۽ اسپتالون خالي ڪرائڻ تي عمل ڪرائي رهيا آهيون جنهن جي ڪري پوليس لائين جي دڪانن کي تالا هڻي بند ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو