شاهي خاندان جي قانوني جنگ، آمريڪا جا قومي راز فاش؟

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي اڳوڻي جاسوسي اداري جي سربراهه سعد الجابري ۾ عدالتي جنگ ۾ قومي راز فاش ٿين سبب آمريڪا پريشان آهي. آمريڪا جي ڪيترن ئي ڳجهن انٽيليجنس آپريشن ۾ سعد الجابري شامل رهيو آهي ۽ هن وٽ گهڻا راز آهن. سعد الجابري هن وقت ڪئناڊا ۾ رهي ٿو. ولي عهد مٿس ڪرپشن ۽ ناجائز نموني ساڍا ٽي ارب  ڊالر ڦٻائڻ جو الزام هنيو آهي. جابري اڳوڻي ولي عهد شهزادو محمد بن نائف جو خاص ماڻهو هو ۽ سعودي شاهي خاندان ۾ جڏهن اختلاف ٿيا ته سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان پنهنجي اڪيلي جيئري ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ، ولي عهد جي عهدي تان ڀائٽي محمد بن نائف کي هٽائي پنهنجي پٽ سلمان کي ولي عهد مقرر ڪيو هو. 2017 ۾ ٿيل انهي تبديلي بعد شهزادو نائف سعودي حڪومت جي قيد ۾ آهي ۽ اها به پڪ ناهي ته هاڻي هو جيئرو به آهي يا نه. جنهن بعد محمد بن سلمان نائف جي سمرن حامين ۽ ساٿين کي اهم عهدن تان هٽائي گم ڪري ڇڏيو هو. سعد الجابري ان وقت ملڪ کان ٻاهر هو ۽ هن ڪئناڊا ۾ پناهه ورتي. ولي عهد محمد بن سلمان ڪئناڊا جي ۾ سندس خلاف ڪس ڪيو ۽ دنيا ڀر ۾ جابري جي ملڪيت ضبط ڪرائڻ جو حڪم حاصل ڪيو هو. ولي عهد جابري خلاف هڪ ٻيو ڪيس ميسا چوئسٽس جي عدالت ۾ ڪيو آهي جنهن ۾ الجابري جي 29 ملين ڊالي جي پراپرٽي ضبط ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي کان جواب طلب ڪيو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته گهربل سوالن جا جواب ڏيڻ سان آمريڪا جا ڪيترا راز فاش ٿي سگهن ٿا. هو اهو سوچي رهيا آهن ته جواب داخل ڪرڻ کان بهتر آهي ته آمريڪي قانون موجب قومي راز پڌرا ٿيڻ جو بهانو ڄاڻائي دستاويز پيش نه ڪن يا ولي عهد کي چئي درخواست واپس وٺرائن. ياد رهي ته سعودي ولي عهد جي ٽائيگر فورس جنهن ترڪي ۾ جمال خاشقجي کي قتل ڪيو هو تن ڪئناڊا ۾ سعد الجابري جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس ٻن پٽن کي سعودي وپس آندو هو جيڪي اڃا سندن قبضي ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو