شاهه ۽ مرکنڊ جي کنڀجڻ خلاف احتجاج، کين عدالت ۾ پيش ڪريو

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو سنڌي هئڻ باوجود نڌڻڪا ان ڪري آهن جو اسين پاڻ ۾ متحد ناهيون, نڪو اسان جي ڪو مالڪي ٿو ڪري، اهو ئي سبب آهي جو روز روز سنڌي ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي. اها ڳالھ سڪرنڊ جي ساڃاهه وندن عامر عمراڻي ، ماجد ڀٽو، جيئمسٽ مسعود شاھ، مصور چوهاڻ، ارشد جمالي، اعجاز سنڌو ڪراچيءَ مان جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سيد مسعود شاھ ۽ شوڪت مرکنڊ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪاظمي سينٽر سڪرنڊ کان نڪتل ريلي جيڪا صحافي چوڪ تي هڪ ميڙ جي صورت اختيار ڪري وئي کي خطاب ڪندي چئي. هنن چيو ته ٻيون ٻوليون ڳالهائندڙ ڀلي سوين خون ڪن پر آزاد ٿيو وڃن جڏھن ته سنڌين کي بنا ڏوھ جي به واڙيو ٿو وڃي هنن چيو ته اسين مسعود شاھ جي کنڀجڻ تي سخت احتجاج ڪندي گهر ٿا ڪريون ته سائين کي فورن آزاد ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي هنن اهو به چيو ته جڏھن قومي ڪارڪن سنڌي ماڻھن جي هر ڏک سک ۾ گڏ هوندا آهن ته سنڌي ماڻھن کي به گهرجي ته هو قومي ڪارڪنن تي ايندڙ  پريشانين مهل ساٿ ڏين. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته دشمن سڀ ڪنهن کي اڪيلو ڪري پيڙيهندو رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو