خورشيد شاهه کي نواز شريف جو نه پر پنهنجي جيل وڃڻ جو فڪر آهي : فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سيد خورشيد شاهه کي نواز شريف جي صحت جو نه پر پنهنجي جيل وڃڻ جو فڪر آهي، عوام اسان کي احتساب لاءِ ووٽ ڏنو، ڪنهن کي رليف نه ٿا ڏئي سگهون، احتساب ٿيندو، جهلم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مسلم ليگ ن وٽ عوامي اشوز نه آهن، ان ڪري اها نواز شريف جي صحت تي سياست ڪري رهي آهي،

نواز شريف کي چئي رهيا آهيون ته هو پنهنجي علاج لاءِ پرڏيهه مان پنهنجي ڊاڪٽرن کي گهرائي، اها ڪهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ناهي وڃڻو، پر لنڊن وڃڻو آهي، هن چيو ته احتساب ۽ صحت جي مامري تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هن وقت حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڪو جهيڙو ناهي، صرف هڪ جهيڙو عوام جي ٽيڪس جي پيسن جو حساب ڏيڻ جو آهي، اڄ مخالف ڌر کان حساب گهرڻ ڇڏي ڏيون ته اها عمران خان کي نوبل انعام ڏيڻ جون ڳالهيون به ڪندي، هن چيو ته اپوزيشن ڪڏهن به عوامي مسئلن تي نه ڳالهايو آهي،

جڏهن به اسيمبلي اجلاس ٿيندو آهي ته سڀ نيب خلاف ڳوڙها ڳاڙيندا آهن، هن چيو ته پوري دنيا عمران خان جي امن پيغام کي ساراهيو آهي، پاڪستان طرف ڪو به ميري اک سان ڏسي نه ٿو سگهي، داخل ٿي مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ وارن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اها خام خيالي ڇڏي ڏين، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ سان ئي عمران خان ڀارت کي امن جي دعوت ڏني، آمريڪي ميڊيا به چئي رهي آهي ته عمران خان کي نوبل انعام ڏيڻ گهرجي، ماضي جي حڪمرانن ملڪي قرض 30 هزار ارب تائين پهچايو، مخالف ڌر سان ذاتي ويرهه ناهي، پر ملڪ لٽيندڙن جو احتساب ڪنداسين، مخالف ڌر جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ آهي، مخالف ڌر چاهي ته ان کان لٽيل دولت بابت پڇاڻو نه ڪيو وڃي.

خورشيد شاهه کي نواز شريف جو نه پر پنهنجي جيل وڃڻ جو فڪر آهي : فواد چوڌري” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو