شاهه مائنر کي گهارو، فصل ٻڏي ويو،آبادگارن جو احتجاج

داد لغاري (نديم مهر) نرلي مائنر مان نڪرندڙ شاهه  مائنر کي آر ڊي 7 وٽان 15 فوٽ گھارو پئجي ويو، صبع جو پيل گھاري کي انتظاميه طرفان بند ڪرڻ لاء آبپاشي  عملي جو ڪو به فرد اطلاع باوجود نه پهتو. گھاري سبب درجنين ايڪڙ فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو وونئڻن جي فصل کي سخت  نقصان سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان ٿي ويا. مختلف ڳوٺن جي ماڻهن گھارو بند نه ٿيڻ ڪري آبپاشي عملي خلاف سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن ذوالفقار لغاري شفيق احمد ۽ ٻين چيو ته آبپاشي  عملي بروقت ڪي به اپاء نه ورتا جنهن ڪري لکيـن رپين جو نقصان ٿيو آهي  ھنن چيو ته ساڳي جڳهھ تان 15 ڏينهن اڳ واھ کي گھارو لڳو ھو جنهن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيو ھو اڄ وري گھارو لڳو آهي جنهن تباهي مچائي ڇڏي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو