شاهراه شهيد ذوالفقار ڀٽو  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عملي جدوجهد جو نتيجو آهي

شاهراه شهيد ذوالفقار ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عملي جدوجهد جو نتيجو آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شاهراه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو فقط هڪ منصوبو نه پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عملي جدوجهد جو نتيجو آهي جنهن 95-1994 ۾ لياري ۽ ملير ايڪسپريس وي متعارف ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وزن تحت ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪيو جنهن جو مقصد ڪراچي جي وڌندڙ ٽرئفڪ مسئلن کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ هو. مشرف جي لوڪل گورنمينٽ آرڊر ذريعي شهر جي غير رٿابندي واري ترقي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ ميگا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي ضرورت هئي. هن اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان شاهراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (شاهراهه ڀٽو) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، وزير بلديات سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڙپڪاري بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب ۾ سمورا صوبائي وزير، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ مقامي حڪومت جي نمائندن شرڪت ڪئي. مراد شاهه چيو ته شاهه فيصل انٽرسيڪشن (ڀٽو هاءِ وي جو هڪ اهم حصو) جو افتتاح چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو ڪيو جيڪو ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ڪراچي ۾ هڪ وڏي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ قيوم آباد ۾ شهيد ملت ايڪسپريس وي کان شاهه فيصل انٽرچينج تائين 9.1 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراه ڀٽو جي افتتاح ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته هي سفري سهولتون ۽ تيز رفتار ڪوريڊور ڪراچي واسين جي سفري سهولتن ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ 2025 تائين سڄو 38.75 ڪلوميٽر ايڪسپريس وي مڪمل ٿي ويندو. مراد علي شاهه چيو ته شاهراه ڀٽو هڪ روڊ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اهو ڪراچي جي مستقبل لاءِ هڪ لائف لائن آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ترقي، اميد ۽ روشن مستقبل آهي. وڏي وزير چيو ته شاهراھ ڀٽو صرف هڪ منصوبو ناهي پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ڪراچي پيڪيج (95-1994) جي تڪميل آهي. هن چيو ته سندس قيادت ۾ هن ڪراچي جي وڌندڙ آبادي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ان جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ لاءِ لياري ۽ ملير ايڪسپريس وي پيڪيج متعارف ڪرايا ۽ سندس ورثي کي خراج تحسين پيش ڪيو، سندس ويزن کي تسليم ڪندي ڪراچي ۾ ترقي جي بنياد رکي. وڏي وزير چيو ته 54.7 ارب رپين جي لاڳت وارو شاهراھ ڀٽو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) فريم ورڪ جي هڪ روشن مثال آهي جتي سنڌ حڪومت 31.3 ارب رپيا ڏنا جڏهن ته باقي خانگي ايڪويٽي ۽ ڪمرشل قرض آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙو تعاون سنڌ حڪومت جي عوامي ڀلائي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. مراد علي شاهه چيو ته هڪ ڀيرو مڪمل طور تي فعال ٿيڻ کانپوءِ شاهراه ڀٽو تي سفر هڪ ڪلاڪ کان گهٽجي فقط 25 منٽن تائين رهجي ويندو ته جيئن اهو شاهراهه فيصل جي متبادل طور ڪم ڪري سگهي ۽ ٽرئفڪ جي وهڪري کي گهٽائي سگهي. ان کان علاوه رش گهٽائڻ لاءِ صنعتي زونن کي اهم هنڌن سان ڳنڍڻ، واپار ۽ رسد کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي اچ وڃ لاءِ محفوظ ۽ وڌيڪ ڪارآمد رستن سان ڳنڍيندو. هن وڌيڪ چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته منصوبي جي تعمير لاءِ يقيني بڻايو ويو آهي ته ڪنهن به رهواسي کي بي گهر ناهي ڪيو وي جيڪو حڪومت جي پنهنجي شهرين جي ڀلائي لاءِ عزم کي برقرار رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته پي پي پي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جاري رکي رهي آهي جن ۾ حيدرآباد-ميرپورخاص ڊوئل ڪيريج وي، سر آغا خان جھرڪ-ملان ڪاتيار پل، گهوٽڪي-ڪنڌ ڪوٽ پل (سنڌو درياءَ تي سڀ کان ڊگهو پل)، نبي سر- وجيهر واٽر ورڪ پروجيڪٽ جيڪو ٿر بلاڪ-I آئي پي پيز جي مدد ڪندو ۽ قومي توانائي جي اگهن کي گهٽائيندو. ڪراچي بابت ڳالهائيندي هن ڪيترن ئي بنيادي اسٽرڪچر جي منصوبن تي روشني وڌي جيڪي سندس حڪومت مڪمل ڪيا آهن جن ۾ مختلف روڊ، انڊر پاس ۽ فلائي اوور شامل آهن. هن اهم منصوبن جو پڻ ذڪر ڪيو مثال طور تعمير هيٺ 100 بسترن واري ميونسپل اسپتال جيڪا افتتاح لاءِ تيار آهي تعمير هيٺ ڪچري جي منتقلي وارا اسٽيشن شامل آهن. ان کان علاوه هن ڪراچي پورٽ کان ڪورنگي تائين شاهراه ڀٽو زيرو پوائنٽ جي تعمير جو اعلان ڪيو جيڪو شاهراه ڀٽو لاءِ هڪ نئين شروعات جو ڪم ڪندو. ڪراچي انهن منصوبن ذريعي ترقي ڪري رهيو آهي. وڏي وزير صوبي جي شهرين کي منصوبن کي وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي پنهنجي مسلسل عزم جي خاطري ڪرائي ۽ زور ڏنو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارٽي قيادت جي رهنمائي هيٺ اسان هڪ اهڙو ڪراچي ٺاهينداسين جيڪو قوم کي متاثر ڪري ۽ مثالي رهنمائي ڪندو هجي. مراد علي شاهه ممتاز مقامي سيڙپڪارن کي صوبائي حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) ماڊل تحت شروع ڪيل اهم منصوبن ۽ کين شهر جي ترقي ۾ حصو وٺڻ جي آڇ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ 400 ايم جي ڊي اضافي پاڻي آڻڻ جو واعدو ڪيو ته جيئن شهر جي وڌندڙ پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ۽ ڪراچي واسين جي بهتر خدمت ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو