چيني انجنيئرز جي گاڏي تي خود ڪش حملو، 6 ڄڻا مارجي ويا

شانگلا: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي شانگلا ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 5 چيني انجنيئرن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب واقعو بشام ويجهو پيش آيو جتي سامهون ايندڙ ڌماڪيدار  مواد سان ڀريل ڪار پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ڌماڪي جي شدت سبب چيني انجنيئرز جي گاڏي هيٺ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن کان پوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي. ڊي آءِ جي مالاڪنڊ موجب پرڏيهين جي گاڏي اسلام آباد کان ڪوهستان اچي رهي هئي. ڪجهه سامهون ايندڙ رپورٽن موجب ڪار ۾ سوار چيني انجنيئرز داسو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ تي ڪم ڪندا هئا ۽ اهي داسو وڃي رهيا هئا.مارجي ويلن ۾ گاڏي جو ڊرائيور به شامل آهي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نجڪاري واري وزير عليم خان، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري ڪيل ڌار ڌار بيانن ۾ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪ چين دوستي جي دشمنن جي ڪاروائي آهي جن جو پيڇو ڪري کين انجام تائين پهچائينداسين. ياد رهي ته 2021 ۾ به داسو هائيڊل پاورپلانٽ تي ڪم ڪندڙ انجنيئرز جي گاڏي تي حملو ٿيو هو جنهن ۾ 9 چيني انجنيئرز سميت 13 ڄڻا مارجي ويا هئا. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بشام ۾ گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير واقعي ۾ انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. علي امين گنڊاپور لاڳاپيل ڊويزنل ۽ انتظاميه کي زخمين کي فوري طبي امداد جي فراهمي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف شانگلا ۾ حملي جي سخت مذمت ڪندي چيني شهرين جي مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته چين مان ايندڙ ڀائرن تي حملو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ چيني ڀائرن سان گڏ آهيون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بشام ۾  حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته بشام ۾ دهشتگردي ۾ ملوث منصوبه سازن ۽ سهولتڪارن کي بي نقاب ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

چين جو شانگلا ۾ چيني شهرين جي موت جي جاچ جو مطالبو

چين شانگلا ۾ گاڏي حملي ۾ پنهنجي شهرين جي موت جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين شانگلا ضلعي ۾ گاڏي تي حملي ۾ چيني شهرين جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مڪمل جاچ ڪن.چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگرد حملي جي متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۾ موجود چيني شهري ۽ ڪمپنيون مقامي سيڪيورٽي صورتحال تي ڀرپور ڌيان ڏين.

شانگلا آپگهاتي حملو: وزيراعظم جو چيني سفارتخانو پهتو، چيني شهرين جي فوت ٿيڻ تي تعزيت

شانگلا ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي مارجي وڃڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني پهچي 5 چيني شهرين جي فوت ٿيڻ تي تعزيت ڪئي. وفاقي وزير اسحاق ڊار، محسن نقوي ۽ عطاءُ الله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ هئا.وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم جون همدرديون چيني شهرين جي خاندانن سان گڏ آهن.وزيراعظم واقعي جي حوالي سان چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم کي تعزيتي پيغام موڪليو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان واقعي جي اعليٰ سطح تي جاچ ڪندو ۽ واقعي جي ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سزا ڏيندو.هن چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سي پيڪ دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي سان ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، دهشتگردي جي ناسور کي ناڪام بڻائينداسين. آخر تائين هن جي خلاف جنگ جاري رکو.چيني سفير وزيراعظم جي دوري ۽ جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي شڪريو ادا ڪيو.

گهرو وزير فوري جي چيني سفارتخاني آمد،تعزيت

ڌماڪي کانپوءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فوري طور تي چيني سفارتخاني پهتو جتي هن چيني سفير سان ملاقات ڪئي.محسن نقوي چيني سفير کي ڌماڪي جي سمورن تفصيلن ۽ جاني نقصان کان آگاهه ڪيو.وفاقي گهرو وزير چيني سفير کي واقعي واري هنڌ تي جاري ريسڪيو آپريشن بابت به آگاهه ڪيو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شانگلا ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.وڏي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو