شازيه خشڪ گلوڪاري ختم، اسلام جي خدمت ڪبي

حيدرآباد (ڊيسڪ نيوز) سنڌ جي ناليواري گلوڪاره شازيا خشڪ هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو آهي ته ”مون ڳائڻ کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي مان پنهنجي زندگي مڪمل اسلامي تعليمات مطابق گذارينديس“ شازيه خشڪ اهو به چيو آهي ته مان پنهنجي باقي زندگي اسلام جي خدمت ڪندي گذارينديس ۽ اميد اٿم ته منهنجا مداح منهنجي هن فيصلي جي به حمايت ڪندا. جيو اردوءَ جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل خبر مطابق شازيه خشڪ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان پنهنجي انهيءَ فيصلي تي قائم رهندس ۽ ٻيهر شوبز جي دنيا ۾ قدم نه رکنديس. ٻڌايو ويو آهي ته شازيه خشڪ 1992 ۾ پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي ۽ هن پهريون گيت ”مارا اُڏتا پکيئڙا، ڪڏهن آئو نه ماري ديس ڳايو“ جڏهن ته سندس قلندري ڌمال لعل ميري پت رکيو ۽ دانا په دانا گهڻا مشهور ٿيا. شازيه خشڪ سنڌيءَ ۽ اردوءَ کان علاوه بروهي، ڪشميري، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ گيت ڳايا ۽ 45 ملڪن ۾ گلوڪاري پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو