موبائيل مارڪيٽ کي باهه ڪروڙن جو نقصان

سکر (بيورو رپورٽ) موبائيل مارڪيٽ ۾ خوفناڪ باهه 25 دڪان ساڙي رک ڪري ڇڏيا، دڪاندارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. گليمر سينٽر جي موبائيل مارڪيٽ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گذريل رات دير سان اوچتو باهه لڳي وئي هئي. بيسمينٽ، گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور جي 25 دڪانن کي باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، دڪانن ۾ پيل ڪروڙين رپين جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو،دڪاندار سامان سڙندي ڏسي رڙيون ڪندا رهيا. اطلاع باوجود فائربرگيڊ دير سان پهتي ۽ سڀ ڪجهه سڙڻ بعد باهه تي ضابطو آندو، ميئر سکر ۽ ڊي سي واقعي واري هنڌ پهچي انتظاميه کان تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي دڪاندارن ڊي سي ۽ ميئر آڏو مالي نقصان جون دانهون ڪندي چيو آهي ته فائر برگيڊ جي نااهل عملي سبب گهڻو نقصان ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو