شارٽ سرڪٽ سبب باهه 3 ڄڻا زخمي، مال سڙي مري ويو

صالح پٽ (نياز مهر) ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب توڏو ابڙو، گلشن ابڙو  ۽ روشن ابڙو سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال جن ۾  ٽي ٻڪريون هڪ مينهن ۽ هڪ گابي سڙي رک ٿي ويون آهن. باهه سبب ٽي بجلي جا ميٽر به سڙي ويا   متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، هنن سرڪار کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو