شاداب جي شادي بابت بابر ڇا چيو؟ حسن علي ٻڌائي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر حسن علي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي تصوير گردش ڪري رهي آهي، جنهن تي حسن علي وضاحت ڏئي ڇڏي آهي.اها تصوير هڪ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ميچ دوران گرائونڊ ۾ ورتي وئي جتي بابر اعظم ۽ حسن علي جي ملاقات ٿي ۽ ٻنهي کي گهري ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏٺو ويو. هڪ مداح اها تصوير شيئر ڪندي پڇيو ته ”مهرباني ڪري ٻڌايو ته توهان ٻئي ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو جنهن سان بابر جي چهري جو تاثر بدلجي ويو.حسن ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي لکيو ته دراصل اسان ٻئي شاداب جي شادي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ۽ بابر شاداب جي شادي بابت چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي. فاسٽ بالر کلنگ ايموجي پڻ استعمال ڪيو جڏهن ته حسن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آل رائونڊر شاداب خان کي به ٽيگ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو