سڱاوتي تڪرار ۾ زخمي ٿيل همراهه فوت، وارثن جو ڌرڻو

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڳوٺ امير خان دشتي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 3 ماڻھو دين محمد، قدير احمد ۽ غلام سرورسخت زخمي ٿي پيا هئا جن کي سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو. زخمين مان دين محمد دشتي جي نازڪ حالت هجڻ ڪري رحيم يار خان شيخ زائد اسپتال ريفر ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

فوتي جو لاش چوڪماڙي پهچڻ بعد دشتي برادري جا سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا جنهن بعد ڳوٺاڻن نيشنل هاءِ وي روڊ تي لاش رکي روڊ  بلاڪ ڪري ڇڏيو. اڌ ڪلاڪ بعد اوٻاوڙو پوليس، موٽر وي پوليس ۽ دشتي برادري جي معزز ماڻھن وچ ۾ ڳالهين بعد روڊ کوليو ويو. فوتي جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته کنڀڙا ٿاڻي تي جوابدارن اسماعيل، دشتي، سليم دشتي، حليم دشتي سميت 20 ڄڻن خلاف اين سي داخل هجڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو