سکر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، اهلڪار زخمي

سکر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، اهلڪار زخمي

سکر: (ن س) سائيٽ ايريا ۾ پڪولا چوڪ ويجهو پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شفقت ڀيو سخت زخمي ٿي پيو. هٿياربندن کيس ڦر جي ارادي سان روڪيو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪئي. زخمي پوليس اهلڪار کي 2 گوليون لڳيون ۽ سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.زخمي آفيسر کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. فائرنگ کان پوءِ هٿياربند جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس ناڪا بندي ڪري شڪي ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو