سکر ۾ پوليس مقابلو، 1 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر ۾ پوليس مقابلو، 1 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر (رپورٽر): سکر جي ٿاڻي پٽنيءَ جي حد ڪندرا لنڪ روڊ وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب ڌاڙيل واردات جي ارادي سان لنڪ روڊ تي موجود هئا ته پوليس کي ڏسندي ئي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس پويان ڪندي هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. گرفتار زخمي ڌاڙيل جي سڃاڻپ ڪامران لاڙڪ جي نام سان ٿي آهي، جنهن جي قبضي مان ٽي ٽي پستول، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.پوليس حڪام موجب گرفتار زخمي ڌاڙيل ڦر، چوري، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن سميت سنگين وارداتن ۾ مطلوب هو. کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿيءَ جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ۽ جاچ جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو