سڊني ٽيسٽ لاءِ پاڪستان جي 11 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

پرٿ(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا خلاف سڊني ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي 11 رانديگرن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سڊني ٽيسٽ ۾ امام الحق کي ڊراپ ڪيو ويندو ۽ پاڪستان لاءِ 8 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندڙ اوپنر صائم ايوب پنهنجي ٽيسٽ ڊيبيو ڪندو.سڊني ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتان شان مسعود، عبدالله شفيق، وسيم ايوب، بابر اعظم، سعود شڪيل، سلمان علي آغا، محمد رضوان، ساجد خان، حسن علي، عامر جمال ۽ مير حمزه شامل آهن.واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي سڊني ۾ شروع ٿيندي، آسٽريليا کي سيريز ۾ ٻه صفر جي برتري حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو