سڄي ملڪ ۾ پولنگ پرامن طريقي سان جاري آهي: ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ سيل جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل پرامن طور تي جاري آهي، ڪنٽرول روم ۾ اڃا تائين ڪا به شڪايت ناهي ملي.ترجمان اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ سيل هارون شنواري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو سينٽرل اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر ۾ موجود آهي. هارون شنواري چيو ته سڄي ملڪ ۾ قائم ريجنل ۽ ضلعي مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽرز سان هميشه رابطو هوندو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ عمل جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، سينٽرل ڪنٽرول سينٽر اسلام آباد مان چونڊن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، پولنگ جو عمل جاري آهي. پرامن طور تي ڪنٽرول روم ۾ اڃا تائين ڪا به شڪايت نه آئي آهي، ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ فوري طور تي 051-111327000 تي رابطو ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو