سپريم ڪورٽ کي 9 مئي جي وڳوڙن جون وڊيوز ڏيکارڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران 9 مئي جي تشدد وارن واقعن تي فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل جي خلاف درخوستن تي ٻڌڻي ڪندڙ 7 ميمبرن تي ٻڌل بئنچ کي حساسيت ڏيکارڻ لاءِ عدالت جي ڪمري نمبر هڪ ۾ فوج ۽ سرڪاري عمارتن تي تشدد وارن حملن جو فوٽيج هلائڻ تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪيو پيو وڃي ذريعن موجب اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چو ته اسان عادلت کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ وڊيو فوٽيج ڏيکارڻ ضرورياهي هن چيو ته حڪومت عدالت جي ڪمري نمبر هڪ اندر تشدد وارن واقعن جا ڪلب هلائڻ چاهي ٿي جيڪي 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پيش آيا هڪومت پاران لاهور ميانوالي راولپندي ۽مردانجي ڇانوڻين ۾ خاص طور تي لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ راولپندي ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽرز تي حملن کي ظاهر ڪندڙ مختلف ڪلپس هلائڻ جو امڪان آهي امڪان آهي ته فوٽيج اڱاري ڏينهن ڏيکاريا ويندا جڏهن حڪومت جو وارو اچڻ تي اٽارني جنرل دليل ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو