سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي مرحلي مان نڪرڻ کانپوءِ چيني سيڙپڪاري ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي. مسابقتي ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مسابقتي ڪميشن چين جي مارڪيٽ ريگيوليٽر سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪندو، چين سي پيڪ ۽ مختلف ڪمپنين ذريعي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ جو امڪان آهي.اعلان موجب مقابلي واري ڪميشن ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ ان حوالي سان هڪ جامع قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.مقابلي واري ڪميشن جي پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايم او يو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، ايم او يو گذريل وفاقي ڪابينا کان حتمي منظوري حاصل ڪري چڪو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدو ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو