ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي اهلڪارن سرچ آپريشن دوران رئيس ڳوٺ مان 2 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي سنڌ جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن وٽان 2 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن، جوابدار جو تعلق بي ايل اي سان آهي. ترجمان موجب سي ٽي ڊي شهر جي مختلف شڪي علائقن ۾ ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون.سي ٽي ڊي ترجمان موجب سرچ آپريشن موچڪو ٿاڻي جي آس پاس جي علائقن سعيد آباد، بس ٽرمينل، نيو ڪالوني ۽ رئيس گوڙ ۾ ڪيو ويو. آپريشن دوران سرچ ايپ ذريعي 64 شڪي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو.سرچ آپريشن دوران سي ٽي ڊي جي ٽيم رئيس گوڙ مان 2 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي سندن وٽان ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد مان چوري ڪيل 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون. جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ سينٽرل منتقل ڪيو ويو آهي.
