سي آءِ اي پوليس هٿان کنڀيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)  سي آئي اي پوليس جي انچارج گل محمد مهر پاران پورهيت امير بخش بجاراڻي  کي کنڀي اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪرڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سندس وارثن  سي آئي پوليس خلاف نعرا هنيا. صديق بجاراڻي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته امير علي کي بنا جواز گم ڪري ٽي ڏينهن بعد ڦر جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي. هن  وڌيڪ چيو ته امير علي بجاراڻي تي اگر ڪو ڪيس آهي ته اهو ظاهر ڪري کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته اسانجي نوجوان کي ڦل فرائي يا هاف فرائي نه ڪيو وڃي. هن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو