ڪنڌڪوٽ( ن س) پي پي ايل گيس فيلڊ ۾ ملازمت ڪندڙ سڪيورٽي گارڊ خشاب جي رهواسي خالد پٺاڻ جهنکي گذريل ڏيڍ مهيني کان اغواڪيو ويو جهنجي بازيابي لاء ڌاڙيلن پاران هڪ ڪروڙ طلب ڪيو ويو جيڪو اڃان سوڌو بازياب نه ڪيو ويو ۽ پوليس انتظاميا به مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل رهي ۔مغوي جي بازيابي لاء وارثن پاران گذريل 30 ڪلاڪن کان ڪنڌڪوٽ انڊس هائيوي تي احتجاجي ڌرڻو ويو جيڪو اڃان سوڌو جاري آهي ۔جڏهن ته مسافر گاڏيون گذريل ڏينهن کان پريشان پيٺل آهن ۽ پوليس انتظا ميا جي ڪوششن باوجود روڊ ڪونه کوليو ويو مظاهرين جو مطالبو آهي ته مغوي خالد جيستائين بازياب ٿي نه ايندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو۔
