سيڪورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو 2 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي بمبار پنهنجي گاڏي سڪيورٽي فورسز جي قافلي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڊي آءِ خان ۾ آپگهاتي حملي ۾ نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نويد شهيد ٿي ويا. پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون، هن بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خود ڪش حملي ۾ ٻن آفيسرن سميت 8 جوان شهيد ٿي ويا هئا. جنهن بعد پاڪستان فوج افغانستان جي ٻن صوبن ۾ مختلف جاين تي حافظ گل بهادر گروپ جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي هئي، جنهن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا هئا. ڪجهه سال اڳ حافظ گل بهادر گروپ پاڪستان جو حامي سمجهو ويندو هو پر هاڻي مخالف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو