سيڪريٽري ۽ ڊي سي، جي عهديدارن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سول سروس ۾ بدلين ۽ مقررين بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جنهن موجب سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ حسن نقوي کي بدلي ڪري سيڪريٽري، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن مقرر ڪيو ويو آهي جتان سيد ذوالفقار علي شاه کي هٽايو ويو آهي ۽ کيس آر ايس بورڊ آف روينيو جو ميمبر بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ميمبر آر اينڊ ايس بورڊ آف روينيو روشن علي شيخ کي بدلي ڪري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ جو سيڪريٽري لڳايو ويو آهي. سماجي ڀلائي جي سول پروٽيڪشن يونٽ جي ڪوآرڊينيٽر منور علي مٺاڻي جيڪو گريڊ 19 هين جو افيسر آهي ان کي بدلي ڪري ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مقرر ڪيو ويو. ڪنڌ ڪوٽ جي ڊي سي طارق حسين کي بدلي ڪري مغذورن جي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جتان رضا محمد پٺاڻ کي بدلي ڪري ڊپٽي سيڪريٽري ڪو آپريشن ۾ لڳايو ويو آهي. گريڊ 18 هين جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر ڪيپٽن بلال شاهد رائو کي بدلي ڪري ڊي سي نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو ۽ ڊي سي نوشهروفيروز گهنور علي لغاري جيڪو گريڊ 19 هين جو افيسر آهي ان کي بدلي ڪري گهرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري لڳايو ويو آهي. گريڊ 20 جي آفيسر غلام عباس ڏيٿو کي تعليم کاتي مان بدلي ڪري سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جتان محمد اختر غوري کي هٽائي ايس اينڊ جي دي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انٽطار ۾ ويٺل مختيارڪار عبدالحڪيم ڌاريجو کي سوڀو ديرو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ذريعي گريد 17 هين جي چئن آفيسرن کي 18 گريد ۾ ترقي ڏئي ڊپٽي سيڪريٽري لڳايو ويو آهي. جن ۾ محمد زاهد کي اطلاعات، محمد يوسف صحت، يوسف گل ڪچي آبادي ۽ شفقت علي ابڙو کي گهرو کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

سيڪريٽري ۽ ڊي سي، جي عهديدارن جون بدليون ۽ مقرريون” هڪ تبصرو

  1. this news paper must be in multy language specially english and sindhi beacuseoff english language will provide language skill

پهنجو تبصرو موڪليو