سيڪريٽري فنانس سميت 13 سينئر آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(شهزادو مستوئي) سنڌ حڪومت جي اهم عهدن تي ڪم ڪندڙ گريڊ 20 هين ۽ 21 هين جي 13 آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير جي منظوري بعد چيف سيڪريٽر سنڌ سيد ممتاز علي شاهه نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن. سيڪريٽري فنانس، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، اسپورٽس، اطلاعات سميت ڪيترائي آفيسر تبديل ڪيا ويا آهن. گريد 21 جي شمس الدين سومرو کي سينئر ميمبر بورڊ آف روينو تان هٽائي صوبائي محتسب سيڪريٽريٽ جو سيڪريٽري لڳايو ويو آهي. جڏهن ته گريڊ 21 جي قاضي شاهد پرويز کي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي تان هٽائي سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 21 جي عثمان چاچڙ کي صوبائي محتسب سيڪريٽريٽ مان بدلي ڪري چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو کي بدلي ڪري سيڪريٽري ورڪس ۽ سروسز مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 20 جي تميزالدين کيڙو کي ايم ڊي سپرا تان هٽائي ميمبر (آر اينڊايس) بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 2و جي نجم احمد شاهه کي فنانس سيڪريٽري تان هٽائي سيڪريٽري انفرميشن، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي لڳايو ويو آهي، سيد امتياز شاهه کي سيڪريٽري اقليت ونگ مان هٽائي سيڪريٽري اسپورٽس لڳايو ويو آهي جتان اختر حسين بگٽي کي هٽايو ويو آهي. خالد حيدر شاهه کي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ تان هٽائي سيڪريٽري جي اي لڳايو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل عبدالرحيم شيخ کي ايم ڊي سپرا لڳايو ويو آهي. احسان علي منگي کي سيڪريٽري سرمائيڪاري تان هٽائي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي مقرر ڪيو ويو آهي. سيد حسن نقوي کي سيڪريٽر جي اي تان هٽائي سيڪريٽري فنانس لڳايو ويو آهي. روشن علي شاهه کي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ تان هٽائي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ لڳايو ويو آهي. محمد اسلم غوري کي سنڌ ڪوسٽل اٿارٽي مان هٽائي سيڪريٽري ٽريننگ ۽ ريسرچ لڳايو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تازو سنڌ ڪابينا ۾ ڪيل واڌ ۽ ردوبدل بعد مختلف وزيرن.مشيرن ۽ خاص معاونن پنهنجي پنهنجي مرضي جا آفيسر لڳائڻ لاءِ وڏي وزير کي فرمائش ڪئي هئي. جنهن بنياد تي هي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب ڪجهه وڌيڪ سينئر آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون جلد متوقع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو