سيپڪو جي ناجائزين خلاف شهرين جي ريلي، احتجاج

مورو(اياز سولنگي) جتوئي ڪالوني جي رھواسين پاران واپڊا سيپڪو مورو جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي پي پي شھيد ڀٽو جي ماجد سھتو، ايڊووڪيٽ آصف علي ڪلھوڙو، نديم سھتو، غلام مصطفيٰ ڪورائي، بشير عرف ڪالي ماڇي ۽ ٻيا ڪري ھئا احتجاجي مظاھرو شھر جي مختلف رستن کان ٿيندو مورو پريس ڪلب اڳيان پھتو جتي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين ٻڌايو ته اسان جي پاڙي ۾ چئن ڏينھن کان بجلي ناھي جنھن جي ڪري اسان سخت پريشان آھيون ۽ بجلي نه ھجڻ سبب گھرن، اسڪولن ۽ مسجدن ۾ پاڻي ناھي. ھنن چيو ته اسان بجلي نه ھجڻ جون شڪايتون ڪيون آھن پر اسان جي ڪير ٻڌڻ وارو ناھي. ھنن مطالبو ڪيو ته واپڊا عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان جي بجلي بحال ڪري پريشاني مان ڪڍيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو