سيپڪو جي زيادتين خلاف علائقي واسين جو احتجاج

ڪشمور(جي ايم کوسو)  ڪشمور ۾ ڳوٺاڻن پاران سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف نادرا چوڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو روڊ بلاڪ ڪري سيپڪو جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري گاڏين جون قطارون بيهجي ويون، ان موقعي تي مشتاق کوسو، نيڪ محمد کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته سيپڪو انجنيئر شفقت حسين لاشاري رائيس مل جي ڪنيڪشن لاءِ مبينا 4 لک روپيا رشوت گهري آهي جنهن جي شڪايت وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي ڪرڻ تي سيپڪو انجنيئر ڏمرجي اسان جي 3 ڳوٺن، هڪ پيٽرول پمپ، هڪ رائيس مل، زرعي ٽيوب ويل ۽ دڪانن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي گذريل 4 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ ڪري زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿيل آهي فصلن کي وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري فصلن کي نقصان ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو انجنيئر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪري جاچ ڪميشن جوڙي وڃي ٻي صورت ۾ سيپڪو آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو