سيهڙ واھ کي 50 فٽ گهارو .سوين ايڪڙ ٻڏي ويا

اوٻاوڙو (ن س)اوٻاوڙو ويجهو ڪمون شهيد ڀر سان سيهڙ واھ کي 50 فٽ گهارو .ڪمند ساريون . ۽ وونڻن جو فصل سوين ايڪڙ پاڻي هيٺ اچي ويو پاڻي جو تيز واهڪرو هجڻ ڪري پاڻي ڳوٺن ۾ پهچي گهرن ۾ داخل ٿي ويو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته آبپاشي علي جي ملي ڀڳت سان سيهڙ واھ مان مٺي وڪرو ڪئي وئي. جنهن سبب واھ جا ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري واھ کي گهارو پيو آهي علائقي واسين اعلي اختيارن کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته جلد اسان جي فصل جو نقصان ڀري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪائڻو پوندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو