اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023 منظور ڪري ورتو. چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان اليڪٽرڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023 پيش ڪيو.اجلاس دوران عرفان صديقي چيو ته اسان بل جي حمايت ڪريون ٿا ان کي رد نه ٿيڻ گهرجي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪالهه صحافين جي 40 رڪني وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا ادارن جا مالڪ به موجود هئا. وفد وزيراعظم کي چيو ته هي صحافين جي فلاح جو بل آهي ان کي منظور ڪيو وڃي. بل کي ترميم کان پوءِ قومي اسيمبلي ڏانهن وڃڻو آهي ان ڪري ان کي منظور ڪيو وڃي.رضا رباني چيو ته جيتريون به صحافين جون تنظيمون آهن انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. هاڻ ته ميمبر به ايوان کان ڳجهيون شيون رکي قرارداد ايوان ۾ آڻي رهيا آهن. اڄ به ڪاغذ لهرائي ڏيکاريا پيا وڃن خبر نه آهي ته اهي ڪٿان کان اچي هيا آهن. طاهر بزنجو چيو ته سياستدانن جيان صحافتي تنظيمون به پاڻ ۾ ورهايل آهن. بل جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف واڪ آئوٽ ڪيو. جڏهن ته رضا رباني ۽ طاهر بزنجو به ايوان مان ٻاهر هليا ويا. جنهن کان پوءِ ايوان پيمرا ترميمي بل 2023 گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو.
