سينيٽر کي نگران وزيراعظم يا وزير ٿيڻ ۾ ڪا قانوني رڪاوٽ ناهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم بڻجڻ واري سوال تي اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جواب ڏنو ته مان سمجهان ٿو ته الله توهان کان جيڪو ڪم وٺڻو آهي ان کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن چوٿون ڀيرو ناڻي واري وزير جو عهدو نه گهريو، الله کيس پنجن سالن کانپوءِ ساڳي ڪرسي تي ويهاريو، ناڻي واري وزير لاءِ ڪا به قانوني رڪاوٽ ناهي. سينيٽر نگران وزيراعظم بڻجندو يا نگران وزير، نه ته نگران حڪومت ۽ نه ئي اليڪشن ڪميشن هاڻي ڪجهه ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ريويو اينڊ ججز ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ڪو به مسئلو ناهي، مسلم ليگ (ن) ان حوالي سان پنهنجي سياسي ۽ قانوني حڪمت عملي جو فيصلو ڪندي، ان معاملي تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي ويندي.اسحاق ڊار چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي جو فيصلو پارٽي مشاورت سان ڪندي، نگران وزيراعظم جي حوالي سان جاري مشاورتي عمل کان پاڻ کي الڳ رکيو ويو آهي.سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته چونڊون نئين آدمشماري تحت ٿينديون، آئين ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته سينيٽ چونڊن کان اڳ عام چونڊون ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته پاڪستان کي پاليسين جي تسلسل جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو نظام هليو ته ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو. ملڪ ٻيهر ان ڀوڳ ۾ وڃڻ جو متحمل نه ٿي سگهي.صدر جي دستخط کانپوءِ چونڊن ۾ 90 ڏينهن باقي آهن، گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران نئين آدمشماري جا نتيجا منظور ڪيا ويا، هاڻي اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن تي آهي ته هو تڪبندين جو ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت وٺندو.جيڪڏهن ڪوشش ڪئي وڃي ته اهي سڀ عمل مارچ کان اڳ مڪمل ٿي سگهن ٿا.نئين تڪبندين 2 مهينن ۾ ٿيڻي آهي يا 3 مهينن ۾ اها اليڪشن ڪميشن تي منحصر آهي.اسحاق ڊار چيو ته نگران وزيراعظم ڪير هوندو ان کي موجوده صورتحال جي خبر هجڻ گهرجي، پهرين نگران وزيراعظم فيصلو ڪندو ۽ پوءِ مشاورت کانپوءِ نگران ڪابينا جوڙي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو