سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پشتونخواه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيٽر عثمان ڪاڪڙ آغا خان اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. سندس عمر 60 سال هئي. هو 2015 ۾ سينيٽر چونڊيو ۽ مارچ 2021 ۾ هو رٽائر ٿيو. سينيٽ ۾ آخري تقرير ڪندي هن چيو هو ته سندس زندگي کي خطرو آهي، کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن کيس ڪجهه به ٿئي ته ان جي ذميواري انٽيلي جنس ادارن تي هوندي. سندس دوست ڊاڪٽر صمد پنيزئي صحافين کي ٻڌايو ته عثمان ڪاڪڙ پنهنجي گهر ۾ هو ته کيس مٿي ۾ پراسرار نموني ڌڪ لڳو. سندس گهر وارن جڏهن ڏٺو ته هو قالين تي ڪريو پيو هو ۽ مٿي مان رت وهي رهيو هو. هن کي فوري اسپتال پهچايو ويو جتي سندس آپريشن ٿيو ۽ بعد ۾ ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو وينٽيليٽر تي هو ۽ سومر تي صبح جو فوت ٿي ويو. ڊاڪٽر صمد موجب سندس لاش جناح اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ آخري رسمون ڪراچي ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس لاش اباڻي علائقي ۾ نيو ويندو. سندس خاندان وارن پوسٽ مارٽم جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن خبر پوي ته سندس موٽ جو ڪارڻ ڇا آهي. ياد رهي ته 2006 ۾ ڊڪٽيٽر پرويز مشرف نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان ڪجهه وقت اڳ مڪو لهرائيندي چيو هو ته هي 60 جو زمانو ناهي ته اوهان پهاڙ تي هليا ويندا. فوج وٽ هاڻي جديد اوزار آهن اوهان کي خبر ئي نه پوندي ڪهڙي شئي ڪٿان اچي لڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو