اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ قطر ۾ ٿيل سيز فائر معاهدي جي ٽائيم بابت بيان ڏنو آهي. دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته سيز فائر معاهدي ۾ اهو چٽي طريقي سان بيان جاري ڪيو ويو هو ته ڪابه دراندازي نه ٿيندي، ٽي ٽي پي کي افغان زمين تي ڪابه سهولت نه ڏني ويندي.خواجه آصف چيو ته اسان هر ڀيري اها ڳالهه ورجائيندا رهيا آهيون ۽ ظاهر آهي ته افغانستان انهي ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو آهي، ترڪيه، قطر زور ڏنو ته بنيادي تڪرار اهو آهي ته افغانستان جي زمين يا سرپرستي ٽي ٽي پي کي پاڪستان ۾ ڪارروائي جي لاءِ دستياب آهي، اسان افغانستان کي ٻڌايو ته سڀ ڪجهه صرف هڪ شق تي ٻڌل آهي.هن چيو ته انهي سيز فائر جي لاٰءِ وقت جي حد مقرر ناهي ڪئي وئي، ڪوبه وقت مقرر ناهي ڪيو ويو ته اسان فلاڻي تاريخ تي ڏسنداسين ۽ پوءِ سيز فائر معاهدي جي توسيع ڪندا، جڏهن ته لاڳو ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي، اسان جي وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو موجود آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوحه ۾ سيز فائر معاهدي طئي ٿيو هو جنهن ۾ قطر ۽ ترڪيه ڪردار ادا ڪيو هو. سيز فائر معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻئي گڏجاڻي ترڪيه ۾ 25 کان 27 آڪٽوبر تائين ٿيندي.










